تازه ترين

شڪارپور ۾ پوليس جي وڏي ڪارروائي، ڳرڻ هٿيارن سان ڀريل ڪار هٿ

شڪارپور پوليس ڪچي ۾ ڏوهارين کي ھٿيار فراھم ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.

 اي ايس پي فاضل شاھ بخاري جو چوڻ آهي ته ڪي پي مان ڪچي ۽ ٻين ھنڌن تائين غير قانوني ھٿيار پھچائيندر پرويز علي جتوئي کي گرفتار ڪري ھٿيارن سان ڀريل ڪار تحويل ۾ ورتي وئي آھي.

هن چيو ته رستم ويجھو جوابدار پرويز جتوئي کي ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪري گرفتار ڪيو ويو آھي.

اي ايس پي فاضل شاھ بخاري چيو ته جوابدار وٽان 11 ڪلانشڪوف،47 ميگزين ۽ 14 ھزار 5 سئو 17 گوليون هٿ ڪيون ويون آھن.

هن چيو ته جوابدار جو واسطو سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي واري علائقن ۾ ڏوھارين کي ھٿيار فراھم ڪندڙ ٽولي سان آھي.

سندس چوڻ هو ته جوابدار تيغاڻي،جتوئي،جاگيراڻي ڏوھاري سميت مختلف ڏوھارين کي ھٿيار فراھم ڪندو آهي. اي ايس پي شڪارپور جو چوڻ هو ته ھٿيار پھچائيندڙ گروپ رحيم يار خان،ڪ شمور ۽ شڪارپور جي ڪچي جي ڏوھارين سان رابطي ۾هوندو هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.4 ° C
4.4 °
4.4 °
38 %
1.1kmh
31 %
سُومر
4 °
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
13 °
جمعو
15 °

تازه ترين خبرون