تازه ترين

شھدادڪوٽ ۾ آل سمال ٽريڊرس يونين جي سڏ تي وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ ۾ آل سمال ٽريڊرس يونين جي سڏ تي وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

منظور احمد شيخ، عابد علي، گل حسن مري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شيزان چوڪ کان ڪوٽوموٽو چوڪ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ شهر ۾ بدامني جي باهه ٻري رهي آهي پرامن شهري ۽ واپاري سرعام ھٿياربندن ھٿان  ڦرجي رهيا آهن پوليس اگھور ننڊ ستل آهي.

ھنن چيو تھ ھڪ مھيني اندر گيھھ جي واپاري سيٺ رميش لعل کان 9 لک رپيا، گھنشام کان 3 لک رپيا، نظير شيخ کان 6 لک ۽ حمير شيخ کان 2 ڀيرا لکين رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فونون ڦر ڪيون ويون آهن.

اڳواڻن نگران وڏي وزير، نگران صوبائي گهرو وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واپارين کان ڦر ڪيل لکين رپيا ۽ موبائل فونون واپس ڪرائي شھر ۾ امن امان بحال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي……

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون