تازه ترين

شھدادڪوٽ ۾ شھري امن ڪميٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ ۾ شھري امن ڪميٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

حبدار ميرجت، پپن مگسي، الھداد خشڪ، شعبان جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آھي چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آھن.

ھنن چيو تھ شھر ۾ سماجي برايون وڌي ويون آھن، منشيات جا اڏا سري عام ھلي رھيا آھن پر ڪير بھ پڇڻ وارو ناھي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ بدامني تي ضابطو آڻي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
9 %
4.4kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
35 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون