تازه ترين

صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايو وڃن ته پيپلزپارٽي لاڙڪاڻو نه کٽي سگھندي : راشد محمود سومرو

جمعيت علماءَ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته ڪينالن جي معاملي تي پيپلزپارٽي جو احتجاج خوش آئند آهي پر جيڪڏهن وڏو وزير ۽ وزير احتجاج ڪندا ۽ نعرا هڻندا ته عملي ڪم ڪير ڪندو؟.

ڪنري ۾ ختم نبوت ڪانفرنس ۽ خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي راشد محمود سومري چيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري چپٽي وڄائي ته حڪومت فوري طور تي گهر ڀيڙو ٿي ويندي جيڪڏهن اهي مخلصي ڏيکارن ته جعلي مان اصلي حڪمران ٿي ويندا.

هن چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايو وڃن ته پيپلزپارٽي لاڙڪاڻو نه کٽي سگھندي.

احسن اقبال جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته سياسي تماشو تڏھن ٿيندو جڏھن ڪئنال ٺاھڻ وارن جون ضمانتون ضبط ٿينديون ۽ سنڌ جو عوام انھن کي رد ڪندو.

هن اين اي 213 تي درياهه بچايو تحريڪ جي اميدوار لال چند مالهي جي حمايت ڪندي چيو ته سندس جماعت کيس ئي ووٽ ڏيندي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڊي آر اوز، آر اوز  ذريعي چونڊون ٿين ٿيون، شفاف اليڪشن ڪرايو ته اوهان جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون