تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر آصف زرداريءَ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران ڪئنالن جي مخالفت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
صدر آصف زرداريءَ ڪئنالن جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران صدر آصف زرداريءَ خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه فيصلا ۽ پاليسيون وفاق تي سخت دٻاءَ جو سبب بڻجن پيا. هن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو هڪ طرفو آهي، صدر جي حيثيت ۾ ان فيصلي جي هو حمايت نٿو ڪري سگهي سندس چوڻ هو ته حڪومت کي درخواست آهي ته اها تجويز رد ڪري ڇڏي، سمورا اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ڪم ڪن صدر آصف زرداري چيو ته اسان کي پاڪستان جي بهتر مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ گڊ گورننس ۽ سياسي استحڪام کي هٿي ڏيڻي آهي هن چيو ته جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي معيشيت مستحڪم ٿي آهي، جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو سندس چوڻ هو ته اسان کي عوامي خدمت جي شعبي تي گهڻو ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ ۾ سماجي انصاف کي هٿي ڏيڻي پوندي صدر چيو ته انفراسٽرڪچر، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻي پوندي، ملڪ ۾ ٽيڪس نظام وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو هن چيو ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ آءِ ٽي پارڪس ٺاهڻ ضروري آهي صدرآصف زرداري چيو ته ملڪ جي ٽيڪس جو منصفاڻو نظام لاڳو ڪرڻو پوندو، اسان کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو، جمهوريت ۾ ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون