صدر آصف زرداريءَ ڪئنالن جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران صدر آصف زرداريءَ خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه فيصلا ۽ پاليسيون وفاق تي سخت دٻاءَ جو سبب بڻجن پيا.
هن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو هڪ طرفو آهي، صدر جي حيثيت ۾ ان فيصلي جي هو حمايت نٿو ڪري سگهي
سندس چوڻ هو ته حڪومت کي درخواست آهي ته اها تجويز رد ڪري ڇڏي، سمورا اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ڪم ڪن
صدر آصف زرداري چيو ته اسان کي پاڪستان جي بهتر مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ گڊ گورننس ۽ سياسي استحڪام کي هٿي ڏيڻي آهي
هن چيو ته جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي معيشيت مستحڪم ٿي آهي، جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو
سندس چوڻ هو ته اسان کي عوامي خدمت جي شعبي تي گهڻو ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ ۾ سماجي انصاف کي هٿي ڏيڻي پوندي
صدر چيو ته انفراسٽرڪچر، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻي پوندي، ملڪ ۾ ٽيڪس نظام وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو
هن چيو ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ آءِ ٽي پارڪس ٺاهڻ ضروري آهي
صدرآصف زرداري چيو ته ملڪ جي ٽيڪس جو منصفاڻو نظام لاڳو ڪرڻو پوندو، اسان کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو، جمهوريت ۾ ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي.