- Advertisement -
صدرِ مملڪت آصف علي زرداريءَ پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي هلالِ امتياز سان نوازڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب دوران سول ايوارڊ سان نوازيندو.
صدر جي هدايت تي ايوانِ صدر ارشد نديم کي سول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڊويزن کي خط لکيو.
خط ۾ چيو ويو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگيءَ سان راند جي ميدان ۾ قوم جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي، ارشد نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻجي.
خط موجب ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، صدر مملڪت، ارشد نديم کي سول ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 ٽو تحت عطا ڪندو.
آئين تحت صدر مختلف شعبن ۾ بهتر خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو- Advertisement -
