تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر آصف علي زرداري جي دوحا ۾ چيني نائب صدر هان زنگ سان ملاقات، پاڪ چين هر موسم جا اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن: صدر زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري جي چين جي نائب صدر هان زنگ سان ملاقات ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوحا ۾ جاري سماجي ترقي بابت ٻي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين هر موسم جا اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. صدر جو چوڻ هو ته اهي هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهن صدر سي پيڪ جي ڪاميابي سان تعميل ٿيڻ تي چين جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي. صدر جو چوڻ هو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو اعليٰ معيار جي ترقي جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. چين جي نائب صدر هان زنگ پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن ۽ علاقائي امن لاءِ ڪردار کي ساراهيو. چيني ناب صدر جو چوڻ هو ته چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ سهڪار جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل اعتماد، احترام ۽ علاقائي خوشحالي جي ويزن تي ٻڌل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن علاقائي ۽ عالمي فورمن تي ويجهو سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون