- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردي جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي پٺڀرائي حاصل دهشتگردن ۽ سندس مددگارن خلاف ڪارروايون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون.
صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران صدر ۽ وزيراعظم دهشتگردي جي تازن واقعن جي سخت مذمت ڪئي.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردي جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته پرڏيهي پٺڀرائي حاصل دهشتگردن ۽ سندس مددگارن خلاف ڪارروايون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون.
ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، اسپيڪر اياز صادق، گهرو وزير محسن نقوي، چوڌري سالڪ حسين، اعظم نذير تارڙ، خالد حسين مگسي ۽ عبدالعليم خان موجود هو…………
- Advertisement -
