- Advertisement -
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي کي 10 سال گذري ويا، افغانستان کان آيل دهشتگردن اسڪول ۾ گھڙي 132 ٻارن سميت 149 ڄڻن کي شهيد ڪيو هو، درناڪ واقعي کي 10 سال گذرڻ باوجود شهيد ٻارن جا وارث ۽ قوم اڄ به ڏک ۾ ورتل آهن.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اي پي ايس سانحي جي ورسي جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اي پي ايس سانحي جهڙا واقعا دهشتگردن ۽ خارجين جو اصل چهرو بي نقاب ڪند آهن.
سندس چوڻ هو ته اي پي ايس سانحي کين قوم جي حيثيت سان متحد ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عام شهرين جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته دهشتگردن 144 معصوم جانين کي اسان کان جدا ڪيو، وقت ان سانحي ۽ معصوم ٻارن جي جدائي جو صدمو ختم نٿو ڪري سگھي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پرڏيهي ملڪ دشمن عنصرن جي اشاري تي معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، سڪيورٽي فورسز جرئت ۽ بهادري سان ملڪ دشمن عنصرن جو مقابلو ڪري رهيون آهن- Advertisement -
