- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز چين جو دورو مڪمل ڪري لاهور پهچي وئي، دوري دوران ڪيترن ئي ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون.
وزيراعلى پنجاب مريم نواز چين جي 8 ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري لاهور پهچي وئي.
سينيٽر پرويز رشيد، سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، عظمى بخاري، بلال اڪبر خان، عاشق ڪرماني به مريم نواز سان گڏ هئا.
مريم نواز چين ۾ مصروف ترين ڏينهن گذاريا ۽ ان دوران ڪيترن ئي ايم او يوز تي به صحيحون ٿيون.
پنجاب جي وزيراعلى هيلٿ، ايجوڪيشن، ماحوليات، زراعت، آءِ ٽي، ويسٽ مينيجمينٽ سميت ٻين سيڪٽرن جا وزٽ ڪيا، جڏهن ته ماحولياتي آلودگي ۽ انويسٽمينٽ ڪانفرنسن کي به خطاب ڪيو- Advertisement -
