تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪشمير سان ٻڌي جي ڏهاڙي تي ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪشمير سان ٻڌي جي ڏهاڙي تي ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال سنگين آهي ۽ ڀارت ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کان محروم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشميري عوام کي سخت رياستي جبر ۽ تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي، گڏيل قومن کي 77 سال اڳ ڪشميرين سان ڪيل واعدن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان هميشه پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺو رهندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هو ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، ڪشميري خوف ۽ دهشت جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن کي وڌيڪ ڊگهو نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مقامي ماڻهن جي حقيقي خواهشن کي دٻائڻ سان پائيدار امن حاصل نٿو ڪري سگهجي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سندن پرڏيهي پاليسي جو اهم ستون رهندو. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي مفاد ۾ عالمي برادري کي هندستان تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو ڪشميري عوام کي آزادي سان پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏئي. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هن موقعي تي هو بهادر ڪشميري عوام جي عزم ۽ همت کي سلام پيش ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي بنيادي حقن ۽ آزادي جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ بيشمار قربانيون ڏئي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون