صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڌماڪي تي افسوس جو اظهار

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پورهيتن جي مارجي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هرنائي ضلعي جي شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي. صدر زرداري پاران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي واقعي ۾ مارجي ويل پورهيتن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو آهي. صدر زرداري ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءَ ڪيو. صدر آصف علي زرداري ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف هرنائي ضلعي جي شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هٿين خالي ۽ معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ وحشين کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، هو ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سرگرم آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون