تازه ترين

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڌماڪي تي افسوس جو اظهار

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پورهيتن جي مارجي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هرنائي ضلعي جي شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي.

صدر زرداري پاران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.

صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي واقعي ۾ مارجي ويل پورهيتن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو آهي.

صدر زرداري ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءَ ڪيو.

صدر آصف علي زرداري ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.

جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف هرنائي ضلعي جي شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هٿين خالي ۽ معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ وحشين کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، هو ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سرگرم آهن……….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون