تازه ترين

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي مذمت

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته حملو وطن جي عزيزن خلاف خارجين جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي. صدر آصف علي زرداري طرفان سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس کي وقت تي ڪارروائي ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. صدر طرفان حملي ۾ شهيد ٿي ويل ايف سي اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت ۽ ڏکڻ جو اظهار پڻ ڪيو آهي. وزراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز جي وقت تي ڪارروائي سبب وڏي نقصان کان بچي وياسين. وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي زخمين جي جلد کان جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ ڪري انهن کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سلامتي تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي ناپاڪ عزم کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين، حڪومت پاڪستان ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
10 %
2.2kmh
0 %
اڱارو
12 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون