- Advertisement -
صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نئين سال جي موقعي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر مملڪت آصف علي زرداري نئين سال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان چئلينجن کان محفوظ ناهي پر بيوس به ناهي، اتحاد، ثابت قدمي، تخليق صلاحيت ۽ يقين ذريعي سڀني ڏکيائين تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
صدر وڌيڪ چيو ته قوم ۽ پاڪستان جي محافظن جي حيثيت سان، اسان کي پنهنجين ذميوارين کي تجديد ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي پيش چئلينجن کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي.
وزيراعظم سڀني ديس واسين کي نئين سال جون مبارڪون ڏيندي چيو ته انشاءَ الله نئون سال ملڪ ۾ خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام جي خوشخبري آڻيندو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2025ع وطن جي دفاع جي حوالي سان تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، ۽ پوري قوم بهادر فوج سان گڏ بيٺي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ لوهي ڀِت ثابت ٿيندي.
- Advertisement -
