تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پورهيتن کي تاريخي جدوجهد تي ڀيٽا پيش

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پورهيتن کي تاريخي جدوجهد تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پورهيتن کي مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙا چئلينجز آهن، پورهيتن جي استحصال جي خاتمي لاءِ پاليسين تي عمل ۾ رياست جو اهم ڪردار آهي، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پورهيتن جي حق لاءِ ڪردار ادا ڪنديون. سندس چوڻ هو ته اڄوڪي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو پيو وڃي، هن سال پورهيتن جي عالمي ڏينهن جو عنوان موسمياتي تبديلين دوران ڪم جي جاءِ تي سلامتي ۽ صحت کي يقيني بڻايو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي کي مهانگائي، زندگي جي ضرورت واري شين جي وڌندڙ اگهن، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن جهڙا چئلينج آهن. هن چيو ته پورهيت طبقي جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ مناسب اجورو، ڪم لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولت ۽ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم جي سهولت جي فراهمي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته استحصالي طريقن جي خاتمي ۽ مزدون لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ پورهيت ۽ مزدور طبقي لاءِ هڪ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪن جتي سندن قدر ۽ عزت ڪئي وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پورهيت پاڪستان جي ترقي لاءِ سخت محنت ڪندا آهن، مهانگائي پورهيت طبقي کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، پورهيتن جي حقن بابت جلد قومي ليبر ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. سندس چوڻ هو ته معيشيت جي بحالي لاءِ مستقل مزاجي سان محنت ڪرڻي پوندي، فني ۽ پيشوراڻي مهارت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منصوبا شروع ڪيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته کين اميد آهي ته مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي موجوده رجحان جي نتيجي ۾ معاشي سرگرميون وڌيڪ وڌنديون ۽ روزگار جي موقعا پيدا ٿيندا جنهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هنرمند ۽ باصلاحيت ماڻهن جي ضرورت پوندي، حڪومت نوجوانن جي پيشوراڻي مهارتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪري چڪي آهي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون