تازه ترين

صدر آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه چاهن ٿا ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم جلد مڪمل ٿئي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ صدر آصف علي زرداري خاص دلچسپي ۽ ڌيان ڏئي رهيو آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه چاهن ٿا ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم جلد مڪمل ٿئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس دوران ٽرانس ڪراچي جي اختيارين، عالمي ڪنسلٽنٽس ۽ ڪانٽريڪٽرس ريڊ لائن منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ صدر آصف علي زرداري خاص دلچسپي ۽ ڌيان ڏئي رهيو آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه چاهين ٿا ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم جلد مڪمل ٿئي. سندس چوڻ هو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهي، سنڌ حڪومت ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نگران حڪومت ۾ ايڏي وڏي عوامي منصوبي تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو، نگران حڪومت جي عدم دلچسپي سبب ريڊ لائن منصوبو ڪيترائي مهينا بند رهيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم 18 مهينن اندر مڪمل ٿي وڃي، ريڊ لائن بي آر ٽي اهميت جوڳو منصوبو آهي، هو چاهن ٿا عوام جلد منصوبي مان فائدو حاصل ڪري سگهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مهانگائي ۽ ٻين اشوز سبب عوام جو فائديمند منصوبو پهريان ئي دير جو شڪار آهي، وڌيڪ دير برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، ريڊ لائن بي آر ٽي بابت ڪم لاءِ سمورا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
36 %
1.9kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون