تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر زرداري جو نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي پارڪ جو دورو

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري راولپنڊي ۾  هوائي فوج جي نگراني هيٺ نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو آهي. ان موقعي تي هوائي فوج جو سربراهه ظهير احمد بابر سڌو به موجود هو. صدر آصف علي زرداري کي دوري دوران پارڪ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ هوائي فوج جي ترقي جي سفر ۾ اهم ڪاميابي آهي، هي منصوبو قومي اهميت جوڳو آهي. بريفنگ ڏني وئي ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪستان ۾ علم ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشيت جو بنياد ٿيڻ لاءِ تيار آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پارڪ جو مقصد خلائي، سائبر، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ ايرو اسپيس ۾ خانگي ۽ پبلڪ سيڪٽر جي ادارن کي جوڙڻ آهي، پارڪ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، تحقيق، تياري ۽ جدت سان گڏ قومي منظر نامي کي تبديل ڪندو. بريفنگ ڏني وئي ته پارڪ سان ملڪ کي سماجي، اقتصادي، سڪيورٽي ۽ سائنسي طور تي فائدو ٿيندو. صدر آصف علي زرداري هوائي فوج ۽ سندس هنرمند اهلڪارن جي ساراهه ڪئي. صدر زرداري نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ جديد ترين ٽيڪنيڪل ماحولياتي نظام جي واکاڻ ڪئي آهي. صدر پاران جديد جنگي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ قومي اسٽريٽجڪ اهميت واري منصوبي کي مثالي مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي هوائي فوج جي قيادت جي ويزن ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون