صدر عارف عارف علويءَ عام چونڊن جي تاريخ طئه ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط کيو.
خط ۾ صدر عام چونڊن لاءِ تاريخ طئه ڪرڻ بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کي اڄ يا سڀاڻي ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر آئين جي آرٽيڪل 48 پنج تحت عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن ۾ تاريخ مقرر ڪرڻ جو پابند آهي.
خط موجب چيف اليڪشن ڪمشنر اڄ يا سڀاڻي ملاقات ڪري ته جيئن مناسب تاريخ طئه ڪري سگهجي