صدر عارف علويءَ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چئي ڇڏيو آهي.
صدر عارف علويءَ وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض کي خط لکيو.
خط ۾ صدر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 224 ون ايَ تحت صدر، وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ صلاح مشوري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪندا آهن.
صدر چيو ته آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي قومي اسيمبلي ٽٽڻ بعد ٽن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو پوندو آهي.
خط ۾ صدر چيو ته وزيراعظم جي ايڊوائز منظوري ڪندي 9 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙي هاڻي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ 12 آگست تائين نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن
