صدر عارف علويءَ 6 نومبر تي عام چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

صدر عارف علويءَ 6 نومبر تي عام چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن صدر جو خط، صدر عارف علويءَ جو چوڻ آهي ته هن 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي صلاح تي قومي اسيمبلي ٽوڙي، صدر جو اختيار آهي ته عام چونڊن لاءِ 90 ڏينهن اندر تاريخ مقرر ڪري، آئيني ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات لاءِ چيو، جنهن جواب ڏنو ته تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، چئني صوبائي حڪومت جو خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي، آرٽيڪل 48 پنج تحت اهو اختيار صدر جو آهي ته 90 ڏينهن اندر تاريخ مقرر ڪري،  تنهن ڪري 6 نومبر تي عام چونڊون ٿيڻ گهرجن.

صدر عارف  علويءَ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته هن 9  آگسٽ تي وزيراعظم جي صلاح تي قومي اسيمبلي ٽوڙي.

خط ۾ چيو ويو ته صدر جو اختيار آهي ته عام چونڊن لاءِ 90 ڏينهن اندر تاريخ مقرر ڪري.

هن چيو ته آئيني ذميواري پوري ڪرڻ خاطر  چيف اليڪشن ڪميشن کي ملاقات لاءِ دعوت ڏني.

خط ۾ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته چونڊ جي تاريخ طئه ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي.

صدر خط ۾ چيو ته وفاق کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن رڪرائڻ تي اتفاق آهي.

خط ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري، اليڪشن هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ لاءِ اعليٰ عدليا سان رابطو ڪري.

صدر خط ۾ چيو ته آگسٽ ۾ آدمشماريءَ جي منظوري بعد تڪبندين جو عمل به جاري آهي، آرٽيڪل 51 پنج ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 اها لازمي شرط آهي.

خط موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪميشن جي راءِ سان اتفاق ڪري ٿي.

صدر خط ۾ چيو ته چئني صوبن جي حڪومت جو به خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي.

خط ۾ چيو ويو ته آرٽيڪل 48 پنج تحت اهو اختيار صدر جو آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر تاريخ مقرر ڪري.

صدر چيو ته عام چونڊون قومي اسيمبلي ٽٽڻ جي 89هين ڏينهن يعني 6 نومبر تي ٿيڻ گهرجن

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون