صدر مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
هائيڪورٽن ۾ ججن جي مقرري جو معاملو حل ٿي ويو، صدر آصف علي زرداري مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر آصف علي زرداري هاءِ ڪورٽن ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي سمورين سَمرين تي صحيون ڪري ڇڏيون. صدر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 10 ايڊيشنل ججن جي مقرري جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن ايڊيشنل ججن جي مقرري ۽ هڪ ايڊيشنل جج جي مدي ۾ واڌ جي سمري تي به صدر طرفان صحيون ڪيون ويون آهن. صدر آصف علي زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن ايڊيشنل ججن جي مقرري جي سمري ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئن ايڊيشنل ججن جي مستقبل جي سمري تي به صحيون ڪري ڇڏيون آهن. صدر طرفان بلوچستان ۾ ٽن ايڊيشنل ججن جي مقرري جي سمري ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ ايڊيشنل جج جي مستقلي جي سمري تي به صحيون ڪيون ويون آهن. صدر آصف علي زرداري طرفان سپريم ڪورٽ جي ججن جي پگهارن، الائونسز ۽ پينشن کي وفاقي آئيني عدالت جي برابر ڪرڻ جي سمري تي به صحيح ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ججن جي سمري جي معاملي جي حل لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه خاص ڪردار ادا ڪيو. جوڊيشل ڪميشن جي 20 ۽ 21 جولاءِ جي اجلاسن ۾ 19 ايڊيشنل ججن جي مقرري جي سفارش ڪئي وئي هئي. ٻنهي جوڊيشل ڪميشن اجلاسن ۾ پنج ايڊيشنل ججن جي مستقلي ۽ هڪ جج جي مدي ۾ واڌ جي سفارش ڪئي وئي هئي. ججن جي سمري تي صحيح نه ٿيڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ٿي، ججن جي نامزدگين جو معاملي حل ٿيڻ تي هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي غير اثرائتي ٿي ويندي. صدر آصف علي زرداري هاءِ ڪورٽ ججن جي رخصتي، پينشن، مراعتن بابت آرڊر 1997ع ۾ ترميمن جي سمري تي به صحيون ڪري ڇڏيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
24%
3.6m/s
61%
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون