- Advertisement -
صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف طرفان ۽ ٻين طرفان نوشڪي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
صدر آصف علي زرداريءَ نوشڪي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سڪيورٽي فورسز قوم جي سهڪار سان دهشتگرديءَ کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.
هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه نٿا ٿي سگهن.
آصف علي زرداريءَ چيو ته سموري قوم دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي رد ڪري ٿي، ڏک جي گهڙيءَ ۾ هو مارجي ويلن جي پونيئرن سان هو همدرديءَ جو اظهار ڪن ٿا.
وزيراعظم پاران مسافرن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم طرفان مقتولن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندانن سان گڏ بيٺل آهن.
هن چيو ته ، دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سندن مددگارن کي سخت سزا ڏني ويندي.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ نوشڪي ۾ دهشتگرد جي حملي ۾ يارنهن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ نوشڪي واقعي جي مذمت ڪندي مارجي ويلن جي وارثن جي پونيئرن سان ڏک جو اظهار ڪيو..- Advertisement -
