صدر مملڪت آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 54 ون تحت سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو.
سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي (اڱاري) تي شام جو چئين وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.
ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ شامل چئين وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس جو ويهه نڪاتي ايجنڊا جاري ڇڏيو آهي سوالن جوابن جي وقفي جي ڪارروائي کانپوءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۽ اسٽيڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون ۽ بل پيش ڪيا ويندا.
صدر جي پارليامينٽ جي اجلاس جي خطاب تي به بحث ٿيندي.