- Advertisement -
صدر مملڪت آصف علي زرداري جي پير ۾ فريڪچر ٿي ويو آهي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته گذريل رات دبئي ايئرپورٽ پهچڻ تي جهاز مان لهندي صدر آصف علي زرداري جو پير فريڪچر ٿي ويو.
بيان موجب آصف علي زرداريءَ کي فوري طور شروعاتي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ايوان صدر موجب ڊاڪٽرن جي چيڪ اپ بعد صدر آصف علي زرداري جي پير تي پلستر ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته صدر آصف علي زرداريءَ کي پير ۾ چئن هفتن پلستر ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
