صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي
ايوان صدر جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف صدر مملڪت کي ايڊوائيس موڪلي هئي جيڪا ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 58 ون تحت منظور ڪئي.
قومي اسيمبلي جي ٽٽڻ کانپوءِ حڪومت ۽ وفاقي ڪابينا به ختم ٿي وئي جڏهن ته نگران وزيراعظم جي مقرريءَ تائين وزيراعظم شهباز شريف ذميواريون نڀائيندو رهندو.
آئين موجب اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ نوي ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرايون وينديون، اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 224 ون تحت اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪندي.
ٻئي پاسي آئين موجب، نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ شهباز شريف اڄ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سان منجهند اڍائي وڳي ملاقات ڪندو، ان سلسلي ۾ وزيراعظم هائوس طرفان راجا رياض سان رابطو ڪيو ويو آهي.
ٻئي ڄڻا نگران وزيراعظم جي لاءِ ٽي ٽي نالا پيش ڪري ڳالهيون ڪندا، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ نگران وزيراعظم جي حوالي سان ٿيندڙ اڄوڪي ملاقات کان حتمي رائونڊ قرار ڏنو پيو وڃي.
ملاقات دوران اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني، حفيظ شيخ، شاهد خاقان عباسي، جسٽس رٽائرڊ تصدق جيلاني، جسٽس خليل رمدي مان ڪنهن به هڪ تي اتفاق ڪيو ويندو، اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽيءَ ڏانهن ويندو، اتي به فيصلو نه ٿيو ته نگران وزيراعظم جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي.