صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ ڪوريا جي ايئرپورٽ تي مسافر جهاز سان حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس، ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ فوتين جي وارثن سان همدردي جو به اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موان ايئرپورٽ تي جهاز حادثي جو ٻڌي ڏک ٿيو، حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ ڏکڻ ڪوريا حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن