تازه ترين

صوبائي حڪومت ڪي پي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي:فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هو گورنر راڄ لاڳو نه ڪندو آهي، حالتن تحت لڳندو آهي، صوبائي حڪومت ڪي پي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي،  ڏکڻ ڪي پي نوگو ايريا بڻجي ويو، ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي، بلين ٽري منصوبي جا نعرا هڻندڙ وڻ وڪرو ڪندڙ مافيا سان مليل آهن، سندس هڪ ئي خواهش آهي ته سياسي يتيمن کي سياسي شهيد نه بڻايان. سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيپلز لائر فورم پاران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 36هين سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي حڪومت صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جو مرض علاج جوڳو آهي، هاڻي وقت آهي ته هن مرض جو خاتمو ڪيو وڃي. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هر سياسي پارٽي جلسي جو حق آهي، تحريڪ انصاف اڳواڻ نٿا چاهن ته پي ٽي آءِ باني جيل کان ٻاهر اچي. هن چيو ته گورنر آئيني عهدو آهي، صوبي ۾ امن قائم ڪرائڻ وڏي وزير جو ڪم آهي، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، گارگند ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ سياسي پارٽي سياسي يتيم بڻجڻ چاهي ٿي. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گورنر راڄ جو جيستائين تائين سوال آهي، اها هڪ صورتحال ٿيندي آهي، هو نٿو چاهي ته سياسي يتيم سياسي شهيد بڻجن، سندن سياسي يتيمن وٽ ڪوبه روڊ ميپ ناهي، ڪرپشن ۽ گارگند آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
26 %
3kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون