تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صوبائي وزير ذوالفقار شاھه سان راڳ جي راڻي عابده پروين جي ملاقات

- Advertisement -
صوبائي وزير سياحت، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز سيد ذوالفقار علي شاھه سان راڳ جي راڻي عابده پروين پاران ملاقات ڪئي وئي. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه ناليواري فنڪاره راڳ جي راڻي عابده پروين جي گلوڪاري واري شعبي ۾ سندس خدمتن کي ساراهيو. راڳ جي راڻي عابده پروين صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ کي وزارت سنڀالڻ تي واڌيون ڏنيون. صوبائي وزير ۽ راڳ جي راڻي عابده پروين وچ ۾ ملاقات ۾ سنڌ ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھه راڳ جي راڻي عابده پروين کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفامنس آرٽ ڄامشورو جي دوري جي دعوت ڏني. راڳ جي راڻي عابده پروين پاران سنڌ جي ثقافت کي  هٿي ڏيارڻ لاءِ  مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. راڳ جي راڻي عابده پروين جو چوڻ هو ته  سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتو ھن وقت بھتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هوءَ سنڌ جي ثقافت کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ ھميشه حاضر هوندي. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو چوڻ هو ته محترمه عابده پروين دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ  ۽ مھذب ۽ قديمي ثقافت جي سفير آهي. سندس چوڻ هو ته راڳ جي راڻي عابده پروين پاڻ ھڪ اداري جي حيثيت رکي ٿي، سنڌ جي ٽيلنٽ کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ راڳ جي راڻي عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. صوبائي وزير چيو ته سندن ڪوشش آھي سنڌ ۾ گلوڪاري سکندڙ ميڊم عابده پروين کان سکيا وٺن. سيد ذوالفقار شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام ۾ ميڊم عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته ڄامشوري ۾ قائم ميوزڪ اڪيڊمي ۾ به راڳ جي راڻي عابده پروين کان مشورا ۽ سندس خدمتون حاصل ڪيون وينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون