تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

صوبائي وزير ذوالفقار شاھه سان راڳ جي راڻي عابده پروين جي ملاقات

صوبائي وزير سياحت، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز سيد ذوالفقار علي شاھه سان راڳ جي راڻي عابده پروين پاران ملاقات ڪئي وئي.

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه ناليواري فنڪاره راڳ جي راڻي عابده پروين جي گلوڪاري واري شعبي ۾ سندس خدمتن کي ساراهيو.

راڳ جي راڻي عابده پروين صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ کي وزارت سنڀالڻ تي واڌيون ڏنيون.

صوبائي وزير ۽ راڳ جي راڻي عابده پروين وچ ۾ ملاقات ۾ سنڌ ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھه راڳ جي راڻي عابده پروين کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفامنس آرٽ ڄامشورو جي دوري جي دعوت ڏني.

راڳ جي راڻي عابده پروين پاران سنڌ جي ثقافت کي  هٿي ڏيارڻ لاءِ  مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي وئي.

راڳ جي راڻي عابده پروين جو چوڻ هو ته  سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتو ھن وقت بھتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته هوءَ سنڌ جي ثقافت کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ ھميشه حاضر هوندي.

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو چوڻ هو ته محترمه عابده پروين دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ  ۽ مھذب ۽ قديمي ثقافت جي سفير آهي.

سندس چوڻ هو ته راڳ جي راڻي عابده پروين پاڻ ھڪ اداري جي حيثيت رکي ٿي، سنڌ جي ٽيلنٽ کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ راڳ جي راڻي عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.

صوبائي وزير چيو ته سندن ڪوشش آھي سنڌ ۾ گلوڪاري سکندڙ ميڊم عابده پروين کان سکيا وٺن.

سيد ذوالفقار شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام ۾ ميڊم عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.

سندس چوڻ هو ته ڄامشوري ۾ قائم ميوزڪ اڪيڊمي ۾ به راڳ جي راڻي عابده پروين کان مشورا ۽ سندس خدمتون حاصل ڪيون وينديون.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون