صوبائي وزير سياحت، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز سيد ذوالفقار علي شاھه سان راڳ جي راڻي عابده پروين پاران ملاقات ڪئي وئي.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه ناليواري فنڪاره راڳ جي راڻي عابده پروين جي گلوڪاري واري شعبي ۾ سندس خدمتن کي ساراهيو.
راڳ جي راڻي عابده پروين صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ کي وزارت سنڀالڻ تي واڌيون ڏنيون.
صوبائي وزير ۽ راڳ جي راڻي عابده پروين وچ ۾ ملاقات ۾ سنڌ ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھه راڳ جي راڻي عابده پروين کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفامنس آرٽ ڄامشورو جي دوري جي دعوت ڏني.
راڳ جي راڻي عابده پروين پاران سنڌ جي ثقافت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي وئي.
راڳ جي راڻي عابده پروين جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتو ھن وقت بھتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ سنڌ جي ثقافت کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ ھميشه حاضر هوندي.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو چوڻ هو ته محترمه عابده پروين دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ مھذب ۽ قديمي ثقافت جي سفير آهي.
سندس چوڻ هو ته راڳ جي راڻي عابده پروين پاڻ ھڪ اداري جي حيثيت رکي ٿي، سنڌ جي ٽيلنٽ کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ راڳ جي راڻي عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.
صوبائي وزير چيو ته سندن ڪوشش آھي سنڌ ۾ گلوڪاري سکندڙ ميڊم عابده پروين کان سکيا وٺن.
سيد ذوالفقار شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام ۾ ميڊم عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته ڄامشوري ۾ قائم ميوزڪ اڪيڊمي ۾ به راڳ جي راڻي عابده پروين کان مشورا ۽ سندس خدمتون حاصل ڪيون وينديون.