تازه ترين

صوبائي وزير محمد بخش مهر جي هدايتن تي ڪرپشن خلاف ڪارروايون تيز

- Advertisement -
سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي ڪارروائيون تيز ڪندي 11 کاتن جي آفيسرن خلاف انڪوائرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ون جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 11 کاتن جي آفيسرن خلاف انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ روينيو، يونيورسٽيز، ايريگيشن، اسڪول ايجوڪيشن، بلديات، لائيو اسٽاڪ، ورڪس سروسز، ڪوآپريٽو، فوڊ ۽ ليبر کاتي جي آفيسرن خلاف انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي. اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ذوالفقار علي شاھ  جو چوڻ آهي ته چئن کاتن جي آفيسرن خلاف 5 ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ 16 اوپن انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته 8 کاتن کان رڪارڊ ۽ منٽس طلب ڪيا ويا آهن. چيئرمين موجب روينيو جي ٻن آفيسرن، تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي هڪ، آبپاشي کاتي جي هڪ ۽ تعليم کاتي جي هڪ آفيسر خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اينٽي ڪرپشن  چيئرمين موجب ھڪ ري انڪوائري، هڪ ريفر ۽ روينيو بورڊ جي ھڪ انڪوائري بند ڪئي وئي، ڪرپٽ آفيسرن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون