تازه ترين

صوبائي وزير محمد بخش مهر جي هدايتن تي ڪرپشن خلاف ڪارروايون تيز

- Advertisement -
سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي ڪارروائيون تيز ڪندي 11 کاتن جي آفيسرن خلاف انڪوائرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ون جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 11 کاتن جي آفيسرن خلاف انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ روينيو، يونيورسٽيز، ايريگيشن، اسڪول ايجوڪيشن، بلديات، لائيو اسٽاڪ، ورڪس سروسز، ڪوآپريٽو، فوڊ ۽ ليبر کاتي جي آفيسرن خلاف انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي. اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ذوالفقار علي شاھ  جو چوڻ آهي ته چئن کاتن جي آفيسرن خلاف 5 ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ 16 اوپن انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته 8 کاتن کان رڪارڊ ۽ منٽس طلب ڪيا ويا آهن. چيئرمين موجب روينيو جي ٻن آفيسرن، تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي هڪ، آبپاشي کاتي جي هڪ ۽ تعليم کاتي جي هڪ آفيسر خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اينٽي ڪرپشن  چيئرمين موجب ھڪ ري انڪوائري، هڪ ريفر ۽ روينيو بورڊ جي ھڪ انڪوائري بند ڪئي وئي، ڪرپٽ آفيسرن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
21 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
23 %
2.2kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون