- Advertisement -
گهرو کاتي جي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير جا روڊ رستا هُنن بند نه ڪيا آهن، وڳوڙين کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، ڪنهن کي به امن امان کي ڇيهو رسائڻ نه ڏيندا.
گهرو وزير ضياالحسن لنجار ڪراچي ۾ خانگي ٽي وي جي گاڏي تي حملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اوڀر کان ڪارروائي تي ٻڌل رپورٽ طلب ڪري ورتي.
هن چيو ته جديد مانيٽرنگ نظام جي نشاندهي ڪري خانگي ٽي وي جي گاڏي تي حملي ۾ حملوث وڳوڙين کي گرفتار ڪيو وڃي.
هن چيو ته وڳوڙين کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، ڪنهن کي به امن امان کي ڇيهو رسائڻ نه ڏيندا.
ٻئي طرف سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار چيو ته سپر هاءِ وي جي مرمت سبب روڊ بند هو، پوليس ڪنهن جا رستا بند ناهن ڪيا، ڪي پي جي وڏي وزير کي فيسيليٽ ڪيو آهي.
هن چيو ته سهيل آفريدي مهرباني ڪري پنهنجو صوبو سنڀالي، ٻين صوبن ۾ اچي ليٽي پيو آهي.
سندس چوڻ هو ته وڪيلن جي حق ۽ سچ جي فتح ٿي آهي، سنڌ بار ڪلين سوئپ ڪئي آهي.
ضياالحسن لنجار چيو ته هو به سنڌ بار جو ميمبر آهي، اميد آهي ته حڪومت ۽ وڪيل هڪ پيج تي هوندا.
هن چيو ته وڪيل قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪن ته ٺيڪ آهي، وڪيل جو ڪم آهي قانون موجب هلڻ آهي، غيرقانون ڌرڻا هڻڻ وڪيل جو ڪم ناهي..
- Advertisement -
