تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صوبن جي مرضي کانسواءِ سنڌو درياهه جي پاڻي بابت ڪوبه فيصلو آئيني ۽ قانوني طور نٿو ڪري سگهجي: نثار احمد کهڙو

- Advertisement -
پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پاڻي جو معاملو انتهائي سنگين آھي، صوبن جي مرضي کانسواءِ سنڌو درياهه جي پاڻي بابت ڪوبه فيصلو آئيني ۽ قانوني طور نٿو ڪري سگهجي. ٺٽي جي شيرازي هائوس تي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاھ شيرازي جي چوٿين ورسي جي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو جو چوڻ هو ته ضرورت پئي ته ارسا ايڪٽ جي ترميم جيان تڪراري ڪئنالن خلاف به سنڌ اسيمبلي جي فلور تي رٿ آڻي منظور ڪرائي ويندي، پيپلزپارٽي جو واضع موقف آھي ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور آهي. نثار کهڙو چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي اڃا تائين سي سي آئي جو اجلاس طلب ناهي ڪيو ويو پر سي سي آئي هجي يا ايڪنڪ هجي يا ٻيو ڪو فورم، پيپلزپارٽي سنڌو درياهه تي ڪئنالن واري تڪراري منصوبي کي هر فورم تي سختي سان رد ڪندي. هن چيو  ته جي يو آئي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون هلندڙ آھن، مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي ڪجھه معاملا ضرور آھن، پر ان  کي به حل ڪيو ويندو. نثار کهڙو چيو ته سڀني جي اها خواهش آھي ته ملڪ اندر هڪجهڙي تعليمي پاليسي هجي ۽ مدرسن جي رجسٽريشن به گڏيل مشاورت سان حڪومتي سسٽم ذريعي ڪئي وڃي نثار احمد کهڙي چيو ته پي ٽي آئي بغاوتن واري ۽ سول نافرماني جھڙيون تحريڪون هلائڻ جا اعلان ڪرڻ واري غير سياسي ۽ نابالغ جماعت آھي، ان جي سياست تي ڳالهائڻ فضول آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون