تازه ترين

صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪن ۾ 75 سيڪڙو آپگهاتي حملا ڪندڙن جو تعلق افغانستان سان هو، آءِ جي خيبرپختونخوا

آءِ جي خيبرپختونخوا اختر حيات خان چيو آهي ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪن ۾ 75 سيڪڙو آپگهاتي حملا ڪندڙن جو تعلق افغانستان سان هو.

خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اختر حيات خان چيو ته دهشتگرديءَ جي وڏي ڪاررواين ۾ افغان شهري ملوث آهن، پشاور پوليس لائينز ۽ هنگو مسجد آپگهاتي حملا به افغان دهشتگردن ئي ڪيا.

سندس چوڻ هو ته علي مسجد باجوڙ تي حملو به افغان آپگهاتي بمبارن ڪيو هو، ڪي پي ۾ ٿيل آپگهاتي حملن ۾ 75 سيڪڙو حملا ڪندڙن افغان شهري هئا، آپگهاتي حملا ڪندڙن جي فنگر پرنٽس مان پتو لڳايو ته اهي افغان شهري هئا.

آءِ جي خيبرپختونخوا اختر حيات خان چيو  ته هلندڙ سال ڀتا خوري جا 76 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڀتا خورن بابت 49 ڪيسن جو پتو لڳايو ويو، پشاور جي وڏي ڪاروباري شخصيت کي ڀتي جي ڪالز جو پتو لڳايو ويو ڀتاخوري ۾ ملوث مقامي ۽ افغان دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو. چترال، مهمند ۽ باجوڙ مان به ڀتاخور پڪڙيا ويا،

هن چيو ته ڏکڻ ضلعن جي لوڪل ڪانٽريڪٽر کان ڀتو وٺندڙ وارا به پڪڙيا ويا، ڀتا خورن خلاف ڪاررواين سبب ڀتي جي ڪالز ۾ گهٽتائي آئي آهي، هڪ سال اڳ ڀتي جي ڪالز بابت باقاعده ڊيٽا نه رکي ويندي هئي.

آءِ جي خيبرپختونخوا اختر حيات خان چيو ته ڪي پي ۾ هڪ ٽولي سان ملوث ٻن پوليس اهلڪارن سان ڏوهارين وارو ورتاءُ ڪيو ويو ۽ ٻنهي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
12 %
2.1kmh
4 %
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون