تازه ترين

صوبي ۾ ڏوهن جو خاتمو ڪرڻو پوندو، سنڌ پوليس محدود وسيلن باوجود بهترين ڪم ڪري رهي آهي : ضياءَ الحسن لنجار

سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته صوبي ۾ ڏوهن جو خاتمو ڪرڻو پوندو، سنڌ پوليس محدود وسيلن باوجود بهترين ڪم ڪري رهي آهي.
ضياءَ الحسن لنجار رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر پهتو، جتي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي ٽريننگ فيض الله ڪوريجي ۽ اڪيڊميءَ جي پرنسپل سندس آجيان ڪئي.
ٽريننگ سينٽر پهچڻ تي ايليٽ فورس جي جوانن کيس سلامي ڏني.
صوبائي وزير رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ ميس هال ۽ شوٽ هائوس افتتاح ڪيو.
جوانن ٽارگيٽ رينج فائرنگ ۽ ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جو مظاهرو ڪيو، جنهن تي گهرو وزير پوليس جوانن جي تربيت ۽ مهارت جي واکاڻ ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ پوليس ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
هنن چيو ته صوبي مان ڏوهن جو خاتمو ڪرڻو پوندو.
گهرو وزير چيو ته ٽريننگ سينٽر ڏسي خوشي ٿي، اميد ته اهلڪار عوام جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪندا.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي تي هو آءِ جي سنڌ کي واڌايون ڏي ٿو، سنڌ پوليس محدود وسيلن ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آهي، هو سنڌ پوليس جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي خ لاف جنگ اهم آهي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو اهڙا يونٽ آهن جن وقت تي اثرائتو رسپانس ڏنو آهي.
هن چيو ته هو سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهن، جنهن ٻن ايونٽن لاءِ گهربل بجيٽ ڏني.
آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس تي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي بابت تنقيد ڪري رهي آهي، هو پنهنجا چئلينج سامهون رکي ٽريننگ ڪري رهيا آهن.
غلام نبي ميمڻ چيو ته جوانن کي علم ئي ناهي ته سنڌ حڪومت انهن لاءِ ڇا ڪري رهي آهي، انشاءَ الله هو صوبائي حڪومت جي اميدن تي پورو لهندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون