سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي جي لانڍي واري علائقي مانسهره ڪالوني واقعي بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
رپورٽ موجب، پوليس جي بروقت ڪارروائي سان پرڏيهي مهمان محفوظ رهيا جڏهن ته سندن هڪ گارڊ زخمي ٿيو.
صوبائي گهرو وزير پرڏيهي مهمانن جي سڪيورٽي تي مقرر سڪيورٽي اهلڪارن جي فوري علاج جي هدايت ڪئي.
ضياءَ الحسن لنجار ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي واقعي بابت گڏيل جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
صوبائي گهرو وزير چيو ته جاچ رپورٽ ۽ پوليس ڪارروائي تي ٻڌل رپورٽ اماڻي وڃي، دهشتگردن ۽ سندن مددگارن بابت معلومات حاصل ڪئي وڃي.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪريل ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻو پوندو، ڪنهن کي امن امان جون حالتون خراب ڪرڻ نه ڏيندا.
صوبائي گهرو وزير پوليس ٽيم لاءِ روڪ رقم ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ جو اعلان ڪيو.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پوليس جي وقت سر ڪارروائي سبب دهشتگرد پنهنجي منصوبي ۾ ناڪام رهيا، دهشتگردي جي حملي خلاف پوليس قدم سان پوليس جو مورال بند ٿيو آهي.