تازه ترين

اسماعيلي ڪميونٽي جو 49هون روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
اسماعيل ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ۽ 49 هون امام پرنس ڪريم آغا خان پرتگال جي راڄڌاني لزبن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس عمر 88 سال هئي. هڪ پڌرائي موجب، پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي اسماعيل ڪميونٽي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي، هن اسماعيلي ڪميونٽي جي رهنمائي ۽ فلاحي منصوبن ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪيو. پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي کانپوءِ 50 هين امام جي نامزدگي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. مولانا شاهه ڪريم جي جنازي نماز لزبن ۾ ئي ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهيجڏهن ته تدفين جي هنڌ جو اعلان فلحال ناهي ڪيو ويو. پڌرائي موجب، تاريخ ۽ وقت جو اعلان انتطامن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڪيو ويندو، جنازي نماز ۾ شاهه ڪريم جي ڪٽنب ۽ جماعت جا سينيئر ۽ امام انسٽيٽيوشنز جي ادارن جا سان لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪندا. ٻئي پاسي روايتن تحت سندس جانشين يعني اسماعيل ڪميونٽي جي 50 هين حاضر امام کي نامزد ڪيو ويو. پڌرائي موجب، جانشين جي نامزدگي پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي وصيت ۾ ڪئي هئي، سندس جماعت جي سينيئر ميمبرن جي موجودگي ۾ اها وصيت پڙهي ٻڌائي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون