تازه ترين

عالمي برادري دھشتگرديءَ خلاف ويڙھھ ۾ پاڪستان جي ڏنل قربانين جو ازالو ڪري : آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آھي تھ عالمي برادري دھشتگرديءَ خلاف ويڙھھ ۾ پاڪستان جي ڏنل قربانين جو ازالو ڪري .

آءِ ايس پي آر موجب، امريڪا جي ھارورڊ يونيورسٽي جي 38 شاگردن جي وفد جنرل ھيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي جو دورو ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، 9 مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شاگردن جي وفد آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.

وفد سان ڳالھائيندي آرمي چيف جنرل عاصم منير علائقائي سلامتي جي معاملن سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي ھٿي ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار تي روشني وڌي .

آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ ھو تھ پاڪستان دھشتگردي جي خلاف ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، عالمي برادري پاڪستان جي دھشتگردي خلاف جدجھد ۾ ڏنل قربانين جو ازالو ڪري .

آرمي چيف جنرل عاصم منير شاگردن کي چيو تھ ھو پنھنجي تجربن جي بنياد تي پاڪستان جو مشاھدو ڪن.

آرمي چيف جنرل عاصم منير والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ سميت علائقائي حقيقتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن تي بھ شاگردن کي آگاھي ڏني .

شاگردن تعميري ڳالھھ ٻولھھ جو موقعو فراھم ڪرڻ تي آرمي چيف جنرل عاصم منير جا ٿورا مڃيا ……..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون