تازه ترين

عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي،ممتاز زهرا بلوچ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڀارت 2003ع جي جنگبندي بابت معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي،21 آگسٽ تي لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ مذمت جوڳو عمل آهي، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو، نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي مختلف ملڪن سان لاڳاپن بابت بريفنگ ڏني وئي.

سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جي حج واري وزير پاڪستان جو دورو ڪيو، حج سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

 پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته سعودي وفد صدر عارف علوي، نگران وزيراعظم ۽ گورنر سنڌ سان ملاقاتون ڪيون، سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ معاهدا به ٿيا.

هن چيو ته پاڪستان 21 آگسٽ تي لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت 2003ع جي سيز فائر معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته گڏيل قومن هڪ ڀيرو ٻيهر والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ڀارت ڪشميرين خلاف ظلم فوري طور بند ڪري، پاڪستان پاران ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون