- Advertisement -
اسرائيل اردن سان مليل ايلينبي ڪراسنگ کي غزه جي امدادي سامان ۽ واپاري شين جي اچ وڃ لاءِ ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.
23 سيپٽمبر کان بند ڪراسنگ اڄ کولي ويندي، اسرائيلي سڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراسنگ کلڻ کانپوءِ ڊرائيورن ۽ ڪارگو ٽرڪن جي سخت اسڪرينگ ڪئي ويندي ان حوالي سان خاص سڪيورٽي فورس مقرر ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي فوج طرفان غزه جنگ بندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون جاري رهيون ته جنگ بندي ٻئي مرحلي ۾ نٿي وڃي سگھي.
حماس معاهدي تي مڪمل عمل ڪرائڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪندڙن ملڪن کان اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪيو آحي.
10 آڪٽوبر جي معاهدي باوجود غزه ۾ اسرائيلي فوج جي حملن ۾ هن وقت تائين 370 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن…..
- Advertisement -
