تازه ترين

عالمي روڊ ٽرانسپورٽ تحت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار شروع ٿي ويو

عالمي روڊ ٽرانسپورٽ تحت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار شروع ٿي ويو آهي.

ٻه طرفي واپار تحت پاڪ چين اقتصادي راهداري فعال ٿي وئي ۽ نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن جي چين جي ناليواري ڪمپني سيوا لاجسٽڪس سان ڀائيواري بعد پهريون ڀيرو يو اين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ ڪنوينشن تحت سامان جي سرحد پار پهچ جي شروعات ٿي وئي.

چين مان ڪارگو ٽرڪن جو پهريون قافلو پاڪستان لاءِ سفر تي روانو ٿيو ۽ هي اڳڀرائي پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي ڏهين سالگرا تي عمل ۾ آئي.

عالمي روڊ ٽرانسپورٽ جا قدم پاڪ چين سرحد پار واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا ۽ پراجيڪٽ ذريعي وقت ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

چيني حڪومت، ڪاشغر، خنجراب ٽريڊنگ اينڊ سروس کي 2023ع لاءِ قومي لاجسٽڪس مرڪز جو درجو ڏنو آهي ۽ ٽي آءِ آر سروس جي شروعات لاءِ ڪاشغريوان فانگ انٽرنيشنل لاجسٽڪس پورٽ ڪمپني ۾ به تقريب ڪوٺائي وئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون