تازه ترين

عامر خان پيار ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هو نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ لاءِ تيار

عامر خان پيار ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هو نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ذريعن موجب عامر خان جي ويجهي دوست بنگلور جي آهي ۽ هن پنهنجي نئين ساٿي کي پنهنجي خاندان سان پڻ ملايو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي ته عامر خان هڪ عورت سان نئين زندگي شروع ڪرڻ وارو آهي ۽ سندس ساٿي جو تعلق بنگلور سان آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، 59 سالن جي اداڪار پنهنجي نئين ساٿي کي پنهنجي خاندان سان به ملاقات ڪرائي آهي، جيڪو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هو پنهنجي زندگي ۾ هڪ نئون باب شروع ڪرڻ وارو آهي.

عامر خان جي ويجهي ذريعن ميڊيا کي ٻڌايو ته عامر جي ساٿي بنگلور جي آهي ۽ هن تازو ئي سندس سڄي خاندان سان ملاقات ڪئي آهي، جيڪا خوشگوار رهي ۽ خاندان سندس آجيان ڪئي.

واضح رهي ته عامر خان جي پهرين شادي 1986ع ۾ رينا دتا سان ٿي هئي، پر ٻئي 2002ع ۾ الڳ ٿي ويا، بعد ۾ 2005 ۾ عامر خان فلمساز ڪرن رائو سان شادي ڪئي پر ان جي به پڄاڻي2021 ۾ طلاق سان ٿي، جڏهن ته هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ويجهي ساٿي جي پيار ۾ پئجي زندگي ۾ هڪ نئون باب شروع ڪرڻ وارو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون