عام چونڊون سڀاڻي ٿينديون، سامان پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ پولنگ عملي کي ڏنو پيو وڃي

- Advertisement -
سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون سڀاڻي ٿينديون، جنهن لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ پولنگ عملي کي چونڊ سامان ڏنو پيو وڃي. اليڪشن 2024 لاءِ پولنگ جو عمل سڀاڻي صبح 8 وڳي کان شروع ٿيندو جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو. سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 1 لک 90 هزار چونڊ عملو ڊيوٽي تي هوندو. سڄي ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، حساس ترين پولنگ اسٽيشنن  ٻاهران فوج کي مقرر ڪيو ويندو. پنجاب ۾ 5 هزار 624 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ترين قرار ڏنو ويو آهي، جتي هر پولنگ اسٽيشن تي 5 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته سنڌ ۾ 4 هزار 430 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، هر پولنگ اسٽيشن تي 8 اهلڪار مقرر هوندا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 265 پولنگ اسٽينن کي حساس ترين قرارا ڏنو ويو آهي، هر پولنگ اسٽيشن تي  9 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته بلوچستان جي 1047 حساس پولنگ اسٽيشنن تي هر پولنگ اسٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر هوندا. 12 ڪروڙ، 85 لک کان وڌيڪ ووٽر قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن تي اميدوارن جي چونڊ ڪندا. چونڊ ۾ ووٽرن لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مدو ختم ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ تي به ووٽ ڏئي سگھبو. پولنگ  ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ چونڊ نتيجا جاري ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ڪوئيڪ رسپانس فورس جا هڪ لک، 6 هزار 942 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. 23هزار 940 سڪيورٽي اهلڪار مستقل طور تي اليڪشن دوران ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جا گڏيل طور تي 1 لک، 30 هزار 882 اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا. پرامن اليڪشن ڪرائڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ پوليس جا 4 لک 65 هزار 736 گڏيل طور تي سڪيورٽي اهلڪار مقرر هوندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
32%
2.1m/s
1%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °

تازه ترين خبرون