تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، هن ڀيري وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ئي ٿيندو: سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، هن ڀيري وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ئي ٿيندو، پيپلزپارٽي جي ٻيهر حڪومت ايندي ۽ سڀني کي روزگار ڏنو ويندو.

حڪومت ختم ٿيڻ بعد اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڄامشورو ضلعي جي دوري تي نڪري پيو.

اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو استقبال ملڪ اسد سڪندر جي هدايتن تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل سهيل شوري، ٽائون چيئرمين بحال قادر شوري، حاجي ارباب سمون ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اليڪشن مقرر وقت تي ٿيندي ۽ هن ڀيري وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ئي ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته 2008 ۾ به ملڪ اندر اهڙي صورتحال هئي، آصف زرداري صدر ٿيڻ شرط پگهارن ۾ واڌ ڪري ڪاروبار کي هٿي وٺرائي هئي.

اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ٻيهر ايندي ۽ سڀني کي روزگار ڏنو ويندو.

هن چيو ته ائين ناهي جو نگران حڪومتجلد سمورا معاملا ڪري ڇڏي، عوامي مسئلا پيپلزپارٽي ئي حل ڪري سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ اندر جيڪو بحران آهي ان جو واحد حل پيپلز پارٽي آهي، چونڊون ٿيڻ کانپوءِ ئي مهانگائي سميت ٻين معاملن تي ڪنٽرول ٿيندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
25 %
3.1kmh
80 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون