تازه ترين

عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون : چيف اليڪشن ڪمشنر

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، سڀني کي گڏجي آزاد ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي.

لاهور ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي چئني صوبائي ميمبرن ۽ پنجاب جي نگران ڪابينا شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي انتظامن ۽ پنجاب حڪومت جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.

عام چونڊن لاءِ سڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ عام چونڊن کي پرامن، آزاد ۽ شفاف ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

عام چونڊن جي سلسلي ۾ پنجاب جي نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن سان ڪوآرڊينيشن لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪندي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، اليڪشن جو وقت ويجهو آهي، سڀني کي گڏجي آزاد ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پنجاب جي نگران حڪومت کي فري اينڊ فيئر اليڪشن لاءِ مڪمل سپورٽ ڪيو ويندو جڏهن ته 30 نومبر تائين تڪ بندين جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون