تازه ترين

سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ عام چونڊون 8  فيبروري تي ئي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ عام چونڊون 8  فيبروري تي ئي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ  ملڪ ۾ 90 ڏينهن اندر عام چونڊن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل صدر عارف علوي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيل ڳالهين جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، چونڊن جي تاريخ تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، سپريم ڪورٽ عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته   صدر وٽ عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار هو جيڪو استعمال نه ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن ۽ صدر کي اهو ڪرڻ گهرجي جيڪو آئين چوي ٿو، آئين جي ڀڃڪڙي جا سنگين نتيجا نڪرندا آهن. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته   سپريم ڪورٽ صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ رڳو مددگار جي حيثيت سان صدر ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڳالهين لاءِ چئي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ چيو ته  سمورن آئيني ادارن کي مستقبل ۾ سمجهداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي تاريخ بابت مونجهارا پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون