تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن: اليڪشن ڪميشن

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اليڪشن ڪميشن تڪبدين جي شيڊيول جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿي سگهنديون، اليڪشن ايڪٽ تحت نئين آدمشماريءَ بعد اليڪشن ڪميشن نيون تڪبديون ڪرڻ جي پابندي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر  سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عام چونڊن ۽ نئين آدمشماري بعد واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ چونڊ تڪبدين جو ڪم چئن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي اڄ کان ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماريءَ تحت تڪبديون ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته تڪبدين لاءِ چئن مهينن جو وقت رکيو ويو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته  عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن، ملڪ ۾ 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين نيون تڪبديون ڪيون وينديون.

اليڪشن ڪميشن چيو ته 5 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبليون جي تڪبدين جي ڪوٽا رکي ويندي، انتظامي معاملا 31 آگسٽ تائين مڪمل ڪيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد سميت چئني صوبن ۾ تڪبدي ڪميٽيون 21 آگسٽ تائين قائم ڪيون وينديون، اليڪشن ڪميشن 10 نومبر کان 9 ڊسمبر تائين تڪبدين تي اعتراضن بابت فيصلو  ڪندي.

ترجمان چيو ته تڪبنديون 14 ڊسمبر تي مڪمل ٿينديون، پراڻي تڪبندين کي منجمد ڪيو ويو آهي، 14 ڊسمبر 2023ع تي تڪبدين جي قطعي لسٽ ڇاپي ويندي. الڪيشن ڪميشن جو موقف آهي ته ڊجيٽل آدمشماري جي قطعي ڇپائي ڪئي وئي آهي، اليڪشن ايڪٽ موجب اليڪشن ڪميشن نيون تڪبديون ڪرڻ جي پابندي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
23 %
1.6kmh
100 %
اڱارو
22 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون