اليڪشن ڪميشن تڪبدين جي شيڊيول جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿي سگهنديون، اليڪشن ايڪٽ تحت نئين آدمشماريءَ بعد اليڪشن ڪميشن نيون تڪبديون ڪرڻ جي پابندي آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عام چونڊن ۽ نئين آدمشماري بعد واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ چونڊ تڪبدين جو ڪم چئن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي اڄ کان ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماريءَ تحت تڪبديون ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته تڪبدين لاءِ چئن مهينن جو وقت رکيو ويو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن، ملڪ ۾ 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين نيون تڪبديون ڪيون وينديون.
اليڪشن ڪميشن چيو ته 5 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبليون جي تڪبدين جي ڪوٽا رکي ويندي، انتظامي معاملا 31 آگسٽ تائين مڪمل ڪيا ويندا.
اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد سميت چئني صوبن ۾ تڪبدي ڪميٽيون 21 آگسٽ تائين قائم ڪيون وينديون، اليڪشن ڪميشن 10 نومبر کان 9 ڊسمبر تائين تڪبدين تي اعتراضن بابت فيصلو ڪندي.
ترجمان چيو ته تڪبنديون 14 ڊسمبر تي مڪمل ٿينديون، پراڻي تڪبندين کي منجمد ڪيو ويو آهي، 14 ڊسمبر 2023ع تي تڪبدين جي قطعي لسٽ ڇاپي ويندي. الڪيشن ڪميشن جو موقف آهي ته ڊجيٽل آدمشماري جي قطعي ڇپائي ڪئي وئي آهي، اليڪشن ايڪٽ موجب اليڪشن ڪميشن نيون تڪبديون ڪرڻ جي پابندي آهي.