عثمان شاهه هڙي ويجهو ناري گلشن مير جت ۽ کي اغوا ڪرڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي.
الزام هيٺ آيل نوجوان ظهير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اغوا ڪري زوري نڪاح ڪري تشدد ۽ وڪرو ڪرڻ جو الزام غلط آهي.
هن چيو ته ناري گلشن سان پسند جي شادي ڪئي، هوءَ دٻاءَ ۾ اچي الزام هڻي رهي آهي.
هوڏانهن ناري گلشن مير جت جو چوڻ هو ته ظهير ڪوڙ ٿو ڳالهائي، مونکي قيد ڪري ٻي ناري کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
ناري چيو ته ، گذريل رات ظهير ٻيهر کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن اعليٰ اختيارين مطالبو ڪيو ته کيس جان کي خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي.